ٽهلراماڻي آنند

ٽهلراماڻي، آنند: هي ناٽڪ نويس، ڪهاڻيڪار ۽ اداڪار 15 آگسٽ 1932ع ۾ ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. تعليم ايم. اي، ايل. ايل. بي ۽ ڊي. ايل. پي تائين ورتائين. سندس خاص موضوع ڪهاڻي آهي. سندس شايع ڪيل ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ۽ ٻه ناول ڇپيل آهن. هن جي ناولن ۾ ”نرس“ (1954ع)، ”آپا“ (ترجمو:1957ع)، ڪهاڻين جو مجموعو ”سانجهيءَ جا پاڇولا“ 1978ع ۾ شايع ٿيو. آنند ٽهلراماڻي ڪيترائي ناٽڪ به لکيا. جن ۾ ”چور ۽ چور“، ”سوريءَ سڏ ڪيو“، ”ميونسپل ڪائونسلر“، ”مان تيار آهيان“ ۽ ”حڪيم اجل رام“ شامل آهن. هن ڊرامن جي هدايتڪار طور پڻ ڪم ڪيو آهي. آل انڊيا ريڊيو ۽ ممبئي ٽي. وي تان ڪيترا ڀيرا ليکڪ ۽ اداڪار جي حيثيت ۾ پروگرامن ۾ حصو وٺي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو